ثقافتي ورثو

ثقافتي ورثو

ثقافتي ورثو

ثقافتي ورثو (ڪتاب ):ناليواري محقق ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ماهر پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا جو هيءُ ڪتاب، سندس پاڪستان جي خـطــي ’هــزارا‘ جـي چـتــرال ۽ ٻيـن اتريـن علائقن جي تاريخ، ثقافت ۽ آثار قديمه جي موضوعن سان لاڳاپيل تحقيقي مواد تي مشتمل آهي. ڪتاب جو تفصيلي مهاڳ ليکڪ پاڻ لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ ست باب آهن، جن ۾ پاڪستان جي اتريـن عــلائـقــن جــي تـاريــخ، جـاگـرافي، معاشيات، سماجيات، آثار قديمه، لوڪ ادب، تهذيب ۽ تمدن تي تفصيل سان روشني وڌل آهي. پڪي جلد سان ڊيمي سـائـيــز جــو هــي ڪـتــاب روشـنـــي پبليڪيشن ڪنڊيارو 1999ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. 279 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 166 رپيا آهي.


لفظ ثقافتي ورثوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو